وزيراعظم پاران ٽيڪسٽائيل شعبي جا مسئلا حل ڪرڻ جو حڪم

وزيراعظم پاران ٽيڪسٽائيل شعبي جا مسئلا حل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته صنعتي شعبي خاص ڪري ٽيڪسٽائيل شعبي جي توانائي جي فراهمي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سيڙپڪاري جي فروغ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسسٽنٽ انڊسٽري ۽ ايڪسپورٽ سيڪٽر جي معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خرم دستگير، سالڪ حسين، نويد قمر، مرتضيٰ محمود، مملڪتي وزير مصدق ملڪ ۽ شاهد خاقان عباسي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير ملڪ احمد خان، لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن ۽ ٽيڪسٽائيل شعبي سان لاڳاپيل صنعتڪارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته واپارين جو نمائندو گروپ لاڳاپيل وزيرن سان ملاقات ڪري معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪري. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي معاشي بقا صنعتي ۽ برآمدي شعبن جي مسئلن جي فوري حل ۾ مضمر آهي، جنهن جي مدد سان مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر نموني پيش ڪري سگهجي ٿو. شهباز شريف رڳو گئس تي هلندڙ فيڪٽرين لاءِ گيس جي لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني جي هدايت ڪندي چيو ته گئس جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، پيداواري برآمدات کي يقيني بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو