وزيراعظم پاران مڇ واقعي جي قاتلن خلاف ڪاروائي جو حڪم

وزيراعظم پاران مڇ واقعي جي قاتلن خلاف ڪاروائي جو حڪم

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)وزيراعظم عمران خان مڇ ڪوئله فيلڊ ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي وزيراعظم عمران خان مڇ ۾ 11 ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي ايف سي کي  هدايت ڪئي آهي ته قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ  فوري قدم کنيا وڃن.ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد بلوچستان جي گهرو وزارت کان مڇ ڪوئلي جي کاڻ ۾ پيش ايندڙ واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال به واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته واقعي جي سيڪيورٽي ۾ ڪوتاهي جو نتيجو نه آهي جڏهن ته بلوچستان بار ڪائونسل مڇ واقعي جي خلاف اڄ عدالتي ڪارروائي جي بائيڪات جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو