وزيراعظم پاران ضروري دوائن جي کوٽ جو نوٽيس

وزيراعظم پاران ضروري دوائن جي کوٽ جو نوٽيس

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ ضروري دوائن جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي وفاقي ۽ صوبائي اختيارين کان اڄ دوائن جي کوٽ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.وزيراعظم جي هدايتن تي ڊريپ جي زندگي بچائيندڙ دوائن بابت ڪميٽي جاچ شروع ڪري ڇڏي.شهباز شريف طرفان اختيارين کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ 60 ضروري دوائون موجود نه آهن.وزيراعظم چيو ته نفسياتي، دماغي، دل ۽ ٻين بيمارين لاءِ اهم دوائون هن وقت پاڪستان ۾ موجود ناهن، سموريون وفاقي ۽ صوبائي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽيز اڄ ئي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪن.ٻئي طرف فارما انڊسٽري جو چوڻ آهي ته پيداواري لاڳت ۾ واڌ سبب ڪمپنين اهي دوائون ٺاهڻ بند ڪيون آهن. فارما انڊسٽري جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن قيمتون نه وڌيون ته ملڪ ۾ وڌيڪ دوائن جي شديد کوٽ پيدا ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو