وزيراعظم پاران حب پاور جو افتتاح، اتحادين سان ملاقات، وڏي وزير کي نو لفٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم عمران خان سيپيڪ جي اهم منصوبي 1320 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ واري حب پاور پروجيڪٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ملڪي ترقي جي اهم منصوبن کي جلد مڪمل ڪريو. بعد ۾ هن ڪراچي جي هڪ ڏينهن واري دوري دوران اتحادين سان گورنر هائوس م ملاقات ڪئي ۽ چيو ته شهر جا مسئلا حل ڪرڻ سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي، تڏهن به وسيلن آهر وفاقي سرڪار پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، مڪاني نظام ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. ڪراچي جي هڪ ڏينهن واري دوري تي پهتل وزيراعظم عمران خان سان پي ٽي آءِ، متحده ۽ جي ڊي اي، جي  ايم پي ايز ملاقات ڪئي، جنهن دوران گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير اعظم سواتي، خسرو بختيار، علي زيدي، فيصل واوڊا، اسد عمر ۽ ٻيا به موجود هئا. ملاقات دوران اپوزيشن جي ايم پي ايز پنهنجي تڪن تي ترقياتي ڪمن ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، جنهن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي قلعو آهي، شهر ۾ پاڻي، ٽرانسپورٽ ۽ پاڻي جي نيڪال واري سسٽم سوڌو عوام کي پيش ايندڙ ٻين مسئلن جو اندازو آهي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، تنهن هوندي به وفاقي سرڪار عوامي ڀلائيءَ کي نظر ۾ رکندي وسيلن آهر پنهنجو حصو شامل ڪندي. ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مڪاني نظام ڪراچي جي مسئلن جو حل ڪڍڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. پي ٽي آءِ جي حڪومت کي وڏو مالي خسارو ورثي ۾ مليو، پر هاڻي صورتحال گهڻي حد تائين بهتر ٿي چڪي آهي. اُن موقعي تي وزيراعظم وفاقي وزيرن کي ڪراچي مان چونڊيل اسيمبلي ميمبرز سان رابطا وڌائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم جي دوري دوران حسب معمول وڏي وزير کي نو لفٽ رهي ۽ ڪنهن به ملاقات ۾ کيس نه سڏايو ويو. جنهن بابت گورنر عمران اسماعيل چيو ته مراد علي شاهه صوبي جو انتظامي سربراهه آهي کيس وزيراعظم کي ايئرپورٽ تي ويلڪم ڪرڻ گهرجي ها، اسين کيس دعوت نامو خپرائي نٿا موڪلي سگهون.

پهنجو تبصرو موڪليو