اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڪنسٽرڪشن جي شعبي کي صنعت جو درجو ڏيڻ ۽ ٽيڪس ۾ رعايتن جي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کان آمدن جو ذريعو نه پڇو ويندو. وفاقي گادي واري شهر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته تعميراتي شعبي تي پابندي 14 اپريل کان ختم ڪري رهيا آهيون ۽ هن شعبي کي 30 ارب روپين جي سبسڊي ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ ملندي. نيا پاڪستان هائوسنگ ۾ غريبن کي سستا گهر ڏيڻ لاءِ پاليسي تي عمل پيرا آهيون، هن شعبي سبب ماڻهن کي روزگار ملندو.هن چيو ته سيمينٽ ۽ اسٽيل کانسواءِ هن شعبي سان لاڳاپيل صنعتن تان ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪنداسين. صوبن سان ملي سيلز ٽيڪس گهٽائڻ ۽ ٻيون سهولتون پن ڏنيون وينديون. هڪ سوال تي هن چيو ته وزيراعظم سيڪريٽريٽ سامهون مري جي همراهه پاران خود سوزي ڪري خودڪشي ڪرن واري فيصل جي معاملي جي عدالتي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته ڪورونا بابت فيصلو عوام ڪري، چين ووهان ۾ ماڻهن کي گهرن ۾ رکي کين خوراڪ پهچائي اسين شهر بند ڪري خوراڪ ڪٿان پهچائينداسين، ايترا وسيلا ناهن. هن چيو ته ٽائيگر فورس ماڻهن کي ڪورونا بابت آگاهي ڏيندي. ياد رهي ته ٽائيگر فورس ٺاهڻ تي مٿس تنقيد ٿي رهي آهي ڇو ته ٽائيگر عمران خان جي ڪتي جو نالو به آهي.










