اسلام آباد (اياز مهر) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان برطانوي حڪومت جي جاري ڪيل سفري صلاح يعني ٽريول ايڊوائيزري جي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته ان سان پاڪستان ۾ سياحت ۾ اضافو ٿيندو. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته اها پاڪستان لاءِ وڏي خوشخبري آهي ان سان سياحت ۽ سيڙپڪاري ۾ وڏو اضافو ٿيندو ۽ نوجوانن کي روزگار جا ذريعا مهيا ٿيندا.
هن وڌيڪ چيو ته برطانيا جي پنهنجي شهرين لاءِ اترين علائقن ۾ سڙڪ ذريعي سفر جي اجازت ڏيڻ سان بي روزگاري ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو به گهٽبو. هن وڌيڪ چيو ته جاپان ۽ اقوام متحده به پاڪستان کي ڊپلوميٽڪ فيملي اسٽيشن جو درجو ڏئي چڪا آهن جنهن سان به گهڻي مدد ملندي. هن چيو ته اميد آهي ته ٻيا ملڪ به جلد اهڙو اعلان ڪندا جنهن سان سياحت کي هٿي ملندي ۽ اهو پاڪستان ۾ سيڪورٽي صورتحال جي بهتري جي تصديق آهي. برطانوي هاءِ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته وادي ڪيلاش ۾ برطانوي شهري گهمي فري سگهن ٿا ۽ اها بهتر صورتحال جو نتيجو آهي.










