وزيراعظم پاران  ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو

وزيراعظم پاران ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪميشن جي سربراهه ۾ سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جا ميمبر به شامل هوندا.اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعظم اهو فيصلو مرحوم ارشد شريف جي قتل جي اصل حقيقتن جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ان حوالي سان لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون به جاري ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ارشد شريف جي خاندان جا ڀروسو رکندڙ ماڻهن کي ڪميشن ۾ شامل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو