وزيراعظم ٻٽي شهريت وارن کي معاون مقرر ڪري سگهي ٿو، عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي خصوصي معاونن کي هٽائڻ لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عوام جي چونڊيل وزيراعظم تي وڏيون ذميواريون هونديون آهن، وزيراعظم پنهنجون ذميواريون نڀائڻ لاءِ ڪنهن کان مدد وٺي ته اُن ۾ ڪهڙو عيب آهي؟ جيڪڏهن وزيراعظم کي خصوصي معاون رکڻ جو به اختيار نه ڏيون ته نظام ڪيئن هلندو؟ آئيني معاملا عدالت ۾ کڻي اچڻ سٺو عمل آهي، هن وقت ٻيا به کوڙ سارا اهم معاملا آهن.هن چيوته وزيراعظم اڪيلي سر رياست جو وهنوار نٿو هلائي سگهي، هن کي معاون مقرر ڪرڻ جو اختيار آهي. ڪيترا معاون هجن ان بابت به ڪو قانون موجد نه آهي. عدالت چيو آهي ته معاونن تي ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت هجڻ جي بنياد تي شڪ نٿو ڪري سگهجي. ياد رهي ته ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ تانيه ايدروس عوامي تنقيد بعد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو