اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ رليف فنڊ قائم ڪري ڇڏيو.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو.ان موقعي تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته تاريخي برساتن ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ معمولي آفت پيدا ڪئي آهي، ٻوڏ بلوچستان ۾ غير معمولي تباهي مچائي آهي، جڏهن ته سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ به ٻوڏ سبب وڏو نقصان ڪيو آهي.هن چيو ته ڏکئي معاشي صورتحال باوجود حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري طور تي 5 ارب رپيا جاري ڪيا آهن شهباز شريف وڌيڪ چيو ته انصار مديني جي جذبي سان ٻوڏ متاثرن ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻارن جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي.










