اسلام آباد (اياز مهر) مولانا فضل الرحمان ويڊيو پيغام ذريعي مارڄ ۾ شريڪ ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته جيڪي ڪارڪن نه پهڇي سگهيا آهن اهي اسلام آباد پهڇن. هن تبليغي جماعت جي اجتماع ۾ شريڪ ماڻهن کي به چيو آهي ته هو اجتماع مان واندا ٿي اسلام آباد جلوس ۾ شامل ٿين. مولانا جمعي تي جلسي کي خطاب ڪندي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏي. هوڏانهن عمران خان چيو آهي ته استعيفيٰ ۽ اين آر او نه ڏيندس، کاڌو کتو ته ومليندس. مولانا فضل الرحمان جلسي کي خطاب ڪندي هڪ پاسي حڪومت کي الٽيميٽم ڏنو ته ٻئي پاسي ٻن ڏينهن جي ادارن کي به مهلت ڏني ته هو ناجائز حڪومت جي حمايت ختم ڪن نه ته ادارن بابت به اسين ٻن ڏينهن بعد پنهنجي راءِ ڏينداسين. هن چيو ته عوام تي حڪمراني جو حق عوام جو آهي ڪنهن اداري کي مسلط رهڻ جو حق ناهي. هي قومي اجتماع آهي جنهن ۾ سڄي ملڪ جي قيادت موجود آهي، اسين عوام جي مرضي جو نظام چاهيون ٿا، جيڪو سڀني لاءِ انصاف ڀريو هجي. اسانجو هڪ ئي مطالبو آهي ته 25 جولاءِ 2018 تي ٿيل فراڊ اليڪشن کي نٿا مڃون، ان جي نتيجي ۾ ٺهندڙ حڪومت کي به نٿا مڃون، نيون چونڊون ڪرايون وڃن. هي حڪومت بدترين ڌانڌلي جي نتيجي ۾ آئي آهي. هن چيو ته اسانکي چون ٿا ته ڪشمير تي ڇڪتاڻ آهي جلسو نه ڪريو، ٻئي پاسي پاڻ ڪرتار پور کولي هندوستان سان دوستي پيا وڌائن. هنن حڪمرانن ڪشميرين کي مودي جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. اسين ڪشميرين سان گڏ آهيون عوام ڪشميرين سان گڏ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي معيشت تي مغربي نانگ ويهاريا ويا آهن ته معيشت ڪيئن ٺيڪ ٿيندي. اسانکي اسلامي معيشت ئي بهتري ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي.

هن چيو ته ڪرپشن بابت عالمي اقتصادي فورم جي رپورٽ آئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي. هن چيو ته ميڊيا تان پابندي هٽايو نه ته اسين به ڪنهن پابندي مڃڻ جا پابند نه هونداسين. هن خبردار ڪيو ته اسين پرامن ماڻهو آهيون تنگ نه ڪريو نه ته اسانجو هي عوامي سمنڊ وزيراعظم کي گهران گرفتارڪرڻ جي قدرت رکي ٿو. هن چيو ته اسين پاڪستان جي ادارن کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا پر انهن کي غير ذميوار به ڏسڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن اسان محسوس ڪيو ته هن ناجائز حڪومت جي پويان ادارا آهن ته ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيون ٿا جنهن بعد اسين ان باري ۾ فيصلو ڪنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي. هن چيو ته اڄ استادن کي سڙڪن تي گهليو ٿو وڃي، ٿاڻن ۾ عورت استادن کي ذليل ڪيو ٿو وڃي، پشاور جا ڊاڪٽر جيڪي عوام جو علاج ڪن ٿا اڄ اهي ڊاڪٽر دربدر آهن، تاجر، وڪيل، صحافي سڀ پريشان آهن. اسين وڌيڪ صبر نٿا ڪري سگهون، ٻن ڏينهن م ادارا پنهنجو فيصلو ڪن. ان دوران جلسي مان ڊي چوڪ ڊي چوڪ جا نعرا لڳندا رهيا. مولانا چيو ته اسين اوهان جي ڳالهه ٻڌي آهي، سڀني ليڊرن به بڌي آهي. اسان جن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا اهي به ٻڌن. هن چيو ته حڪومت استادن، تاجرن، ڊاڪٽرن ۽ ٻين جا مطالبا تسليم ڪري.

ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته هن سليڪٽيڊ حڪومت کي عوام تسليم نٿو ڪري، هي ڪهڙي جمهوريت آهي ته 70 سالن ۾ ملڪ ۾ هڪ ڀيرو به شفاف چونڊون نه ٿي سگهيون آهن. هن چيو ته هڪ ادارو جنهن جو ڪم سيڪورٽي جوآهي اهو شفاف چونڊون نٿو ٿيڻ ڏي، پولنگ ۾ اندر فوج مقرر ٿئي ٿي. هن چيو ته جڏهن ملڪ ۾ سيڪورٽي جي ضرورت هئي ان وقت پولنگ ۾ فوج ڇو بيٺي هئي. هي فوج اسانجي آهي هن کي چونڊن ۾ مداخلت ڪرڻ، سياست ۾ ملوث ٿيڻ سبب تڪراري ٿيڻ نه ڏينمداسين، هي ڪهڙي آزادي آهي، ڪهڙي جمهوريت آهي، جتي ميڊيا به آزاد ناهي، اپوزيشن جي ڪوريج تي پابندي آهي، هي ڪهڙي قسم جي آزادي آهي. ميڊيا ۾ ڪلڀوشن جو انٽرويو ته هلي سگهي ٿو، دهشتگردن جا انٽرويو ته هلن ٿا پر آصف زرداري ۽ مولانا سميت سياستدانن جا نٿا هلي سگهن. هي ڪهڙي جمهوريت آهي ڪهڙي آزادي آهي؟ هي ڪهڙو نئون پاڪستان آهي، ان کي نٿا مڃون. اسانجي وزير خزانه جو فيصلو آءِ ايم ايف ٿو ڪري ته معيشت ڪيئن آزاد ٿيندي. هن چيو ته حڪمرانن ڪشمير جو سودو ڪيو آهي جيڪو اسين قبول نه ڪنداسين. بلاول گو سلڪيٽڊ گو جا نعرا به هڻايا.

ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شهباز شريف چيو ته عمران خان جادو ٽوڻي سان حڪومت پيو هلائي، معيشت جو ٻيڙو غرق آهي، اسانکي 6 مهينا حڪومت ملي ۽ الله موقعو ڏنو ته معيشت ٺيڪ ڪري ڇڏيندس جيڪڏهن نه ڪري سگهان ته منهنجو نالو عمران نيازي رکيو وڃي. هن چيو ته نئين پاڪستان کان پراڻو پاڪستان بهتر هو. هن چيو ته جيتري سپورٽ موجوده حڪمرانن کي ادارن جي آهي اسان کي ان جي 10 يا 15 سيڪڙو برابر به هجي ها ته ملڪ کي آسمان تي پڄائي ڇڏيون ها. ان کان اڳ هزارين ماڻهن جي جلوس ۾ جمعي نماز ادا ڪئي وئي جنهن بعد سياسي اڳواڻن جي آمد شروع ٿي وئي. شهباز شريف، خواجا آصف، احسن اقبال، رانا تنوير ۽ ٻيا موجود هئا. عبدالمالڪ بلوچ، محمود خان اچڪزئي، سيد نيئر بّاري، ميان افتخار موجود هئا. عبدالغفور حيدري چيو ته لبناني وزيراعظم کي حياءُ هو تڏهن هن استعيفيٰ ڏني پر هتي حياءُ ناهي. ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، محمود خان اچڪزئي ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

هوڏانهن وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ آزادي مارچ وارن کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته اوهان جيتري دير ويهڻ چاهيو ويهي رهو. اوهان جو کاڌو کٽو ته ڪجهه موڪليندس پر استعيفيٰ ۽ اين آر او ڪو نه ڏيندس. اهڙو اظهار هن گلگت جي آزادي جي ڏينهن جي نسبت سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مارچ وارا آزادي چاهن ٿا، مان چوان ٿو ته ميڊيا وارا وڃي هنن کان پڇن ته ڪنهن کان آزادي چاهين ٿا. هن چيو ته هي نئون پاڪستان آهي اهي ڏينهن گذري ويا جڏهن اسلام جو نالو طاقت لاءِ استعمال ٿيندو هو، هي سوشل ميڊيا جو دور آهي هر ڪو سمجهي ٿو هنن جي چالن کي. فضل الرحمان جو اسلام ڊيزل جي پرمٽ ۽ ڪشمير ڪميٽي جي سربراهي تي پورو ٿي ويندو آهي. هن نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته هن جا پٽ لنڊن ۾ اربن جي محلن ۾ رهن ٿا، حساب پڇون ٿا ته چون ٿا ته اسين پاڪستان جا شهري ئي ناهيون. اسحاق ڊار جو نالو کڻڻ کانسواءِ هن چيو ته سائيڪلن جي دوڪان وارو ارب پتي ٿي ويو. هي محلن م رهندڙ ڪرپٽ ماڻهو جيلن هوندا. هن چيو ته فضل الرحمان جي هوندي پرڏيهين کي سازش جي ڪهڙي ضرورت آهي. ڀارتي ميڊيا مولانا کي ايتري ڪوريج پيو ڏئي ڄڻ هو ڀارتي شهري آهي.










