لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عدالتن مان تاريخي فيصلا اچي رهيا آهن ۽ اميد آهي ته بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۽ اڪبر بگٽي ڪيسن ۾ به انصاف ٿيندو ۽ اصغر خان ڪيس تي عمل ڪرايو ويندو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر شفاف چونڊن جو مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏهن شفاف چونڊون نه ٿيون ته اسين انتخاب يا انقلاب جو نعرو هڻنداسين. اهڙو اظهار هن لاهور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مان اوهان وٽ پيغام کڻي آيو آهيان ته شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي راولپنڊي ۾ ملهايون ٿا اوهان ان ۾ ڀرپور شرڪت ڪريو. هن چيو ته هن ملڪ ۾ ميڊيا آزاد ناهي ان تي پابنديون آهن، ڪو ٽوئيٽ ٿو ڪري ته ان کي اغوا ڪيو ٿو وڃي. هن چيو ته شهري آزاديون ختم آهن ۽ عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته کين ڀٽو وارو پاڪستان گهرجي يا سليڪٽڊ ۽ ڪٺ پتلي جو قيد وارو پاڪستان گهرجي. هن چيو ته هاڻي ملڪ عوام جي مرضي سان هلندو ۽ ڪنهن ڪٺ پتلي ۽ سليڪٽڊ جي چوڻ تي نه هلندو.ان کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ سواليه انداز ۾ وزيراعظم عمران خان کان پڇو آهي ته “ابو بچايو مهم” ڪير هلائي رهيو آهي.
ياد رهي ته اڪثر وزيرعظم عمران خان بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز تي تنقيد ڪندي چوندو رهيو آهي ته هو ابو بچايو مهم هلائي رهيا آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي وارو وزير فواد چوڌري به اڪثر اهي لفظ ورجائيندو رهيو آهي، چاهي سينيٽ چيئرمين خلاف اپوزيشن جي عدم واري رٿ هجي يا ڪو ٻيو موقعو هو مٿن تنقيد ڪندي ساڳيو الزام مڙهيندو رهيو آهي. هاڻي جڏهن خصوصي عدالت اڳوڻي فوجي آمر پرويز مشرف خلاف فصلو ڏيندي کيس موت جي سزا ٻڌائي آهي ته حڪومت کيس بچائڻ چاهي ٿي جنهن تناظر ۾ بلاول ڀٽو اهو سوال اٿاريو آهي.