اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملاقات ڪئي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي موجوده اندروني ۽ بيروني سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ پاڪ فوج جي پيشه ورانه معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










