اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ مهيني جي وچ ڌاري اهم ملڪن جي سربراهن سان باضابطه ملاقاتون ڪندو، جنهن ۾ روس، چين ۽ ايران جي صدرن ۽ ڀارتي هم منصب نريندر مودي به شامل آهن. ملاقاتون ۽ رابطا شنگھائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ ٿيندا، جيڪو 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي سمرقند ۾ ٿيندو، جيڪو مسلمانن جي تاريخي ۽ ثقافتي مرڪز آهي. وفاقي راڄڌاني ۾ سفارتي ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ان يقين جو اظهار 28 جولاءِ تي تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به شرڪت ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته سمورن سربراهن تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ ميمبر ملڪ شرڪت ڪندا.










