وزيراعظم شهباز شريف جو  بلوچستان جي هارين لاءِ تاريخي پيڪيج

وزيراعظم شهباز شريف جو بلوچستان جي هارين لاءِ تاريخي پيڪيج

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٽيوب ويلن کي سولر انرجي تي تبديل ڪرڻ سان هاري خوش ٿيندا. وفاقي حڪومت بلوچستان جي ٽيوب ويلن لاءِ 10 سالن ۾ 500 ارب رپيا ڏنا آهن.محمد شهباز شريف چيو ته اڄ وفاق ۽ بلوچستان حڪومت جي تعاون سان هڪ تاريخي معاهدو ٿيو آهي جنهن تحت ٽيوب ويل هلائڻ لاءِ سولر انرجي مان سستي بجلي فراهم ڪئي ويندي. وفاق هر سال 90 ارب رپيا ادا ڪندو هو، سستي بجلي ملڻ سان زمينون سيراب ٿينديون.هن چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير اهو معاهدو 3 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اسلام آباد فون ڪنداسين، سڄي پاڪستان ۾ مهانگي تيل تي 10 لک ٽيوب ويل هلي رهيا آهن، تيل امپورٽ ڪرڻ لاءِ ساڍا 3 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي هر سال ضايع ٿي رهيا آهن.وزيراعظم چيو ته بزنس ماڊل وٺي صوبن سان گڏجي ان تي عمل ڪنداسين.بلوچستان جي حڪومت چونڊجڻ کانپوءِ مان ڪوئيٽا آيس. مان وڏي وزير، گورنر بلوچستان ۽ ڪابينا کي مبارڪباد ڏيان ٿو، گورنر بلوچستان هڪ تجربيڪار سياستدان آهي، گورنر بلوچستان پنهنجو آئيني فرض سٺي نموني سرانجام ڏيندو.محمد شهباز شريف چيو ته هتي اليڪٽرڪ ٽيوب ويلن جو ڪافي وقت کان مسئلو آهي، بلوچستان پاڪستان جو اهم صوبو آهي.بلوچستان جي ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهڻ جا ڪيترائي سبب آهن، جيستائين بلوچستان حصو نه وٺندو، تيستائين پاڪستان ترقي نه ڪندو.هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان، خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ پنجاب جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن قربانيون ڏنيون آهن. پنجاب پنهنجو حصو 150 کان 160 ارب رپيا بلوچستان کي ڏنو آهي، مونکي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اسان بلوچستان لاءِ اهو ڪم ڪيو آهي.هن چيو ته هاري سولر تي ٽيوب ويل هلائي زمين کي سيراب ڪندو، سولر ذريعي پيدا ٿيندڙ بجلي هائيڊرو اليڪٽرڪ جي ڀيٽ ۾ سستي آهي. فيڊرز بند ڪري هارين کي سولر پينل فراهم ڪيا ويندا، هي ڪو ننڍو حجم نه پر وڏو چئلينج آهي، 3 مهينن ۾ 28 هزار ٽيوب ويل سولر سان لڳايا ويندا.وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن ۾ سڄو ڏينهن بجلي هئڻ گهرجي، بجلي جا بل ادا نه ڪيا وڃن، وفاقي حڪومت ڪيترن ئي سالن کان لوڊشيڊنگ برداشت ڪري رهي آهي.وفاقي حڪومت 500 ارب رپيا ڏنا پر 100 سيڪڙو ضايع ٿي ويا ڇو ته بل ادا نه ڪيا ويا، منهنجو ليڊر نواز شريف پارٽي صدر به آهي ۽ ليڊر به منهنجي پيءُ جو متبادل آهي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته بلوچستان جو وڏو وزير سٺو منتظم آهي، مان بلوچستان جي وڏي وزير جي خيالن کي ساراهيان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو