اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف سيڪا سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قازقستان روانو ٿي ويو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته سيڪا لنڪ ذريعي ايشيا ۾ اقتصادي تعاون ۽ سلامتي کي نئون رخ ملندو.هن چيو ته توانائي ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ سبب دنيا کساد بازاري کي منهن ڏئي رهي آهي.وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي قازقستان جي راڄڌاني آستانه ۾ اجلاس کي خطاب ڪندو.ان کان علاوه شهباز شريف سيڪا جي ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو.










