ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي جائزو ورتو. وزيراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٿيندڙ امدادي ڪمن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ڊائريڪٽر جنرل اين ڊي ايم اي وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي. بريفنگ موجب ٻوڏ سبب فصلن جي وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. ٻوڏ سبب ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا، روڊ، ۽ پلون به سخت متاثر ٿيون آهن. هلندڙ سال سنڌ ۾ 400 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون آهن. معمول کان وڌيڪ برسات پوڻ سبب زندگي جو نظام تباهه ٿي چڪو آهي. فصلن ۽ لائيو اسٽاڪ کي سخت نقصان پهتو آهي. ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا، جڏهن ته روڊ ۽ پلون به سخت متاثر ٿيون آهن. وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثرين لاءِ ريليف ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن. رليف ڪيمپن ۾ متاثرين کي کاڌو، دوائون ڏنيون پيون وڃن. متاثر علائقن ۾ عوام کي خيمن ۽ مڇرن کان بچاءُ جو سامان پڻ ڏنو پيو وڃي. ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي سجاول ۾ بجلي جي معطلي ۽ بحالي جي امڪانن تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي متاثرين جي امداد جي بحالي واري ڪم ۾ دير نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان سڀني سان ملي ڪم ڪنداسين. متاثرين جي داد رسي ڪنداسين. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سوات ۽ ڪالام ۾ ٻوڏ وهڪرن سبب هوتل، گهر، عمارتون ۽ گهر تباهه ٿي ويا آهن. امدادي ڪم تيزي سان جاري آهن. ڪوشش آهي ته متاثرين جي وقت تي مدد ڪريون.هن چيو ته سنڌ ۾ چوڌاري پاڻي پکڙيل آهي. ڪابه جڳهه خشڪ ناهي. خرم دستگير بجلي مسئلي جي حل تائين سنڌ ۾ ئي رهندو. ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هيليڪاپٽر ۽ ٻيڙين ذريعي امداد ڏئي رهيا آهيون. ٻوڏ سبب متاثر سمورن صوبن کي امدادي گرانٽس ڏينداسين متاثرين لاءِ 38 ارب روپيه خرچ ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته اترين علائقن ۾ به ٻوڏ ۽ برساتن سبب وڏو نقصان ٿيو آهي. سنڌ جي متاثرن علائقن لاءِ گذريل ڏينهن امداد جو اعلان ڪيو هو. هن چيو ته سکر ۽ سخت متاثر علائقن ۾ امدادي ۽ ميڊيڪل ڪيمپون لڳائڻ تي اين ڊي ايم اي جا ٿورائتا آهيون. اسان کي همت سان ڪم وٺڻو پوندو. اسان سڀني کي ملي موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو.شهباز شريف چيو ته سڀاڻي آءِ ايم ايف بورڊ سان اجلاس طئي ٿيل آهي. هڪ سياسي پارٽي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ذاتي مفادن خاطر قوم جي مفادن کي نقصان پهچايو پيو وڃي. اسان کي سياست کان مٿانهون ٿي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي.










