اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جو دورو ذاتي خرچ تي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان سان گڏ ٻيا ماڻهو به ذاتي خرچ تي وڃي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف جڏهن پنجاب جو وڏو وزير هو، 10 سالن دوران هن ٻاهرين ملڪن جا سڀ دورا ذاتي خرچن تي ڪيا.هن چيو ته وزيراعظم سان گڏ ڪو صحافي سرڪاري خرچ تي سعودي عرب نه پيو وڃي، وزيراعظم جو هي دورو پاڪستاني عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ آهي.










