اسلام آباد(بيورو)ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي ڊائريڪٽر فارن افيئر ڪميشن وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ يانگ جيچي اميد ظاهر ڪئي ته شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ ترقي جو عمل تيز ٿيندو.ان کان اڳ يانگ جيچي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي، آرمي چيف چيو ته پاڪستان عالمي ۽ علائقائي معاملن ۾ چين جي ڪردار کي ساراهيو.جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان چين سان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي عالمي پارٽنر سان سهڪار لاءِ پرعزم آهي.










