وزيراعظم عمران خان جي گهرو وزير سان اهم ملاقات

وزيراعظم عمران خان جي گهرو وزير سان اهم ملاقات

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان سان گهرو وزير شيخ رشيد احمد قطر جي دوري کان واپسي تي اهم ملاقات ڪئي آهي ملاقات ۾  ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي احتجاج تي ڳالهيون به ڪيون ويون. وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي ملاقات ۾ امڪاني ڌرڻي جي صورت ۾ حڪومتي تيارين تي به ڳالهيون ڪيون ويون.ٻئي طرف حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو سربراهي اجلاس مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ شروع ٿي ويو آهي.  اجلاس ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز سميت پي ڊي ايم پارٽين جا اڳواڻ شريڪ

پهنجو تبصرو موڪليو