وزيراعظم جي هڪ ٻي مبينه آڊيو ليڪ، اتحادي کي عهدا ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

وزيراعظم جي هڪ ٻي مبينه آڊيو ليڪ، اتحادي کي عهدا ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهبازشريف جي هڪ ٻي مبينه آڊيو ليڪ ٿي وئي سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ تازي رڪارڊنگ ۾ مبينه طور تي وزيراعظم شهبازشريف ڪنهن شخص سان پنهنجي خاص مددگارن جي مقررين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي گذريل مهيني کان وزيراعظم شهبازشريف هن کان اڳ ملڪ جو وزيراعظم عمران خان، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آئي جي اهم اڳواڻن ۽ ٻين عهديدارن جي مبينه طور کوڙ ساريون آڊيو رڪارڊنگ سامهون اچي چڪيون آهن جنهن سان قومي سلامتي تي سواليه نشان لڳي ويا آهن تازو ايندڙ مبينه آڊيو رڪارڊنگ ۾ اڻڄاتل شخص وزيراعظم کي چوي ٿو ته اياز صادق صاحب چئي رهيو آهي ته پيپلزپارٽي وارا ايس اي پي ايم کان شيئر گهري رهيا آهن جنهن تي شهبازشريف چوي ٿو ته هائو بلڪل، بلاول ڳالهه ڪئي هئي جنهن کان پوءِ اڻڄاتل شخص چوي ٿو ته هي پوءِ اوهان هاڻي ڏسو پوءِ اسان ظفر محمود کي لڳائڻو آهي ۽ جهانزيب صاحب کي لڳائڻو آهي مان پوءِ اوهان کي هڪ فائنل نمبر ٻڌائي ڇڏيندس جنهن تي شهبازشريف چوي ٿو ته هو ڊاڪٽر سان به شيئر ڪري نه، پيپلزپارٽي ئي نه باقي به شيئر ڪري ان کان پوءِ اڻڄاتل شخص چوي ٿو ته هو پوءِ جي يو آئي ۽ ايم ڪيو ايم به گهرندي. ايم ڪيو ايم جي هڪ ماڻهو جو نالو ملڪ احمد علي ٻڌائي رهيو آهي ته هي سموري ڊيل ڪرائڻ ۾ ان جو وڏو ڪريٽيڪل رول هو. مبينه آڊيو ۾ شهبازشريف سوال ڪري ٿو ته ڪير؟ جنهن تي جواب ڏيندي اڻڄاتل شخص چوي ٿو ته هي سر ڪراچي جو ماڻهو آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني به وزيراعظم شهبازشريف ۽ هڪ سرڪاري عهديدار وچ ۾ مبينه طور تي ايندڙ مبينه ڳالهه ٻولهه جي آڊيو رڪارڊنگ ڇنڇر ڏينهن سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو