وزيراعظم جي نااهلي جي درخواست رد

وزيراعظم جي نااهلي جي درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عندليب عباس جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيرن جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شهباز شريف ۽ وزيرن جي نااهلي لاءِ اشتهاري جوابدارن سان ملاقات لاءِ عندليب عباس جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس شاهد وحيد درخواستگذار جي وڪيل اسد منظور بٽ کان پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ڪهڙي اختيار تحت وزيراعظم کي نااهل قرار ڏئي سگهي ٿي، جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته مون کي وقت ڏيو. جسٽس شاهد وحيد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان ڪهڙو وقت ڏنو، توهان ڪيس موڪلن ۾ ڪيو، توهان تياري ئي نه ڪئي، توهان موڪلن ۾ آفيس ۾ درخواست داخل ڪئي پر توهان کي خبر ئي ناهي. اليڪشن ڪميشن وزيراعظم يا وزيرن کي نااهل قرار ڏئي سگهي ٿي.درخواستگذار جي وڪيل اسد منظور بٽ عدالت کي استدعا ڪئي ته مون کي ڪجهه وقت ڏنو وڃي، درخواست ۾ ترميم ڪري ٻيهر داخل ڪنداسين.جسٽس شاهد وحيد رمارڪس ڏيندي چيو ته بهتر آهي ته درخواست واپس وٺي ٻيهر فائل ڪئي وڃي، توهان گائيڊ کانسواءِ ئي موکل کي عدالت ۾ آڻيو. لاهور هاءِ ڪورٽ عندليب عباس جي اپيل واپس وٺڻ تي درخواست رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو