اسلام آباد (بيورو پورٽ) وزيراعظم محمد شهبازشريف جي صدارت هيٺ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۽ ٻين چيني رٿائن تي اڳڀرائي تي جائزي وارو اجلاس ٿيو اربع تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق اجلاس ۾ انفرااسٽرڪچر جي منصوبن خاص ڪري ايم ايل ون، ڪراچي سرڪلر ريلوي، قراقرم هاءِ وي ۽ ٻين منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي اجلاس ۾ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جا منصوبا ۽ پن بجلي جي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي اجلاس ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جي رفتار وڌائڻ ۽ گذريل چئن سالن کان تعطل جو شڪار منصوبن تي ڪم کي تيز ڪرڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، سالڪ حسين، سيد نويد قمر، مريم اورنگزيب، سيد مرتصيٰ محمود، طارق بشير چيما، وزيراعظم جو صلاحڪار احدچيما، ڊڪٽر مصدق ملڪ، خاص مددگار طارق فاطمي، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان سيد فهد حسين، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر رانا احسن افضل، بدر شهباز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مرادعلي شاهه به وڊيو لنڪ تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.










