اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعطم شهبازشريف سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي جوڙيل بئنچ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ذريعن موجب خميس تي وزيراعطم شهبازشريف جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس جو جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ وزيرااعظم صدر کي خط لکڻ بابت پارٽي جي قانوني صلاحڪارن سان مشاورت ڪئي اجلاس ۾ صدر پاران چوندن جي تاريخ جي اعلان کي غير آئيني قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي بئنچ جي جوڙجڪ تي اتحادين سان مشاورت جو فيصلو ڪيو ويو وزيراعظم حڪومتي اتحادي ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين کي اعتماد ۾ وٺندو پنجاب ۽ خيبرپختونخواه ۾ چونڊن جي اهتمام تي به مشاورت ٿيندي ملڪ جي امن امان بابت اي پي سي جي اهتمام بابت مامرن تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن خودمختيار ادارو آهي وزيراعظم چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي جيل ڀريو تحريڪ ناڪام ٿي وئي. عوام پي ٽي آئي جي انتشاري سياسي رد ڪري ڇڏي.










