ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن سان گڏ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان بهادر آباد ۾ ملاقات ڪري سياسي معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. اپوزيشن پاران عمران خان خلاف عدم اعتماد جمع ڪرائڻ جي هڪ ڏينهن بعد هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو ۽ پنهنجي حڪومتي مدت ۾ پهريون ڀيرو ايم ڪيو ايم جي هيڊ ڪوارٽر پهتو.
ملاقات کانپوءِ پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ايم ڪيو ايم اسانجي اتحادي آهي هنن مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان چيو ته وزيراعظم سان ٿيل ڳالهين جو سڄو تفصيل نٿو ٻڌائي سگهان پر ايترو چوندس ته خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون. وزيراعظم عدم اعتماد بابت نه حمايت لاءِ چيو نه اسان حمايت جي خاطري ڪرائي آهي, اسين حڪومت جا اتحادي آهيون پر سڀ آپشن کليل آهن.










