وزيراعظم جي اسيمبلي ۾ آمد تي  اپوزيشن جو احتجاج، ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون

وزيراعظم جي اسيمبلي ۾ آمد تي اپوزيشن جو احتجاج، ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي قومي اسيمبلي ۾ آمد تي مخالف ڌر ايوان کي مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مخالف ڌر وزيراعظم جي آمد خلاف سخت احتجاج ڪيو.وزيراعظم جي ايوان ۾ پهچڻ سان ئي مخالف ڌر جي ميمبرن نه رڳو احتجاج ڪيو پر نعريبازي به ڪئي، جنهن جي جواب ۾ حڪومتي ميمبرن ”شير آيا، شير آيا“ جا نعرا هنيا.اجلاس ۾، آسيه ناز هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو جنهن ۾ مخالف ڌر جي شور شرابي جي وچ ۾ مرد ۽ عورت ووٽرن جي وچ ۾ مسلسل صنفي فرق ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو.نوٽيس جو جواب ڏيندي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اليڪشن ڪميشن هن خال کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.حڪومت ان سلسلي ۾ مڪمل سهڪار ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن ووٽر جي صنفي فرق جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهي آهي.قانون واري وزير چيو ته نادرا ۽ ٻيا ادارا پڻ ڪم ڪري رهيا آهن، ۽ هي صنفي فرق هاڻي گهٽجي 7 سيڪڙو ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو