لاهور (بيورو رپورٽ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن کي وزيراعظم عمران جي استعيفيٰ ۽ اسيمبلي ختم ڪرڻ متعلق ڪا به پڪ نه ڏياري وئي آهي. جي يو آِءِ ف سينيئر مولانا عبدالغفور حيدري جي بيان تي تبصرو ڪندي پرويز الاهي چيو اهي ته اسلام ڌرڻو ختم ڪرڻ جي شرط تي ان فضل الرحمٰن کي وزيراعظم جي استعيفيٰ يا اسيمبليون ٽوڙڻ جي پڪ ناهي ڏياري. واضح رهي ته سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري انڪشاف ڪيو هو ته چوڌري پرويز الاهي جي يو آءِ ف کي يقين ڏياريو هو ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏيندو ۽ اسيمبليون ٽوڙيون وينديون. هن دعويٰ ڪئي هئي ته اسان ڪجهه قابل اعتماد ماڻهن طرفان يقين ڏيارڻ کان پوءِ پنهنجي ڌرڻي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان جي ضمانت پرويز الاهي ڏني هئي. پرويز الاهي انهيءَ وقت سينيٽر عبدالغفور حيدري جي ان موقف کي رد ڪيو ته جي يو آءِ کي ڪو به يقين ناهي ڏياريو. پرويز الاهي جو وڌيڪ چوڻهو ته اسان پهرين ئي ڏينهن جي يو آءِ ف کي پارليامينٽ ۾ واضح ڪيو هو ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏيندو نه وري اسيمبليون ٽوڙيون وينديون. هن چيو ته ملڪ کي موجوده بحران مان ڪڍڻ لاءِ اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون. هن چيو ته مسلم ليگ ق پي ٽي آءِ حڪومت جي اتحادي آهي. ياد رهي ته مولانا فضل الرحمٰن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف ڪراچي کان آزادي مارچ جو آغاز ڪيو هو جيڪو 31 آڪٽومبر تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو ختم ڪري پلان سي جو اعلان ڪيو هو جنهن تحت ضلعي سطح تي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا. ڌرڻي دوران چوڌري ڀائر ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ۽ شجاعت حسين 36 ڪلاڪن ۾ مولانا فضل الرحمٰن سان ڪيترائي ڀيرا ملاقات ڪري چڪا جنهن بعد ائين لڳي رهيو هو ته ملسم ليگ ق پي ٽي آءِ کان الڳ ٿي رهي آهي. ان کان علاوهه مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت پڻ اهڙو بيان ڏنو هو ته وزيراعظم جي ٽيم ۾ اناڙي مشير شامل آهن جيڪي ڌرڻي دوران حڪومتي رٽ قائم ڪرڻ ۽ طاقت جي استعمال ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهيا آهن. واضح رهي ته چوڌري پرويز الاهي پنجاب صوبي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو جنهن جي ڪري مسلم لگ (ن) اپوزيشن ۾ ويهڻ تي مجبور ٿي.










