اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان پارٽي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) قومي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ عدم اعتماد تي ووٽنگ دوران پارٽي جو ڪو به ميمبر اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري. خط جي متن موجب اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو، کين نااهل ڪرايو ويندو. وزيراعظم طرفان سمورن ميمبرن کي انفرادي طور خط موڪليو ويو آهي. ياد رهي ته مخالف ڌر وزيراعظم عمران خان خلاف قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ هاڻي ان ٺهراءَ تي ووٽنگ 31 مارچ يا ان کانپوءِ ڪنهن به ڏينهن ٿيندي. شيخ رشيد چيو هو ته ووٽنگ 3 اپريل تي ٿيندي. پي ٽي آءِ جي 14 ايم اين ايز منحرف ٿيا جن کي تحريڪ انصاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو.










