وزيراعظم اڄ برطانيه ويندو،  راڻي جي آخري رسمن ۾ شرڪت متوقع

وزيراعظم اڄ برطانيه ويندو، راڻي جي آخري رسمن ۾ شرڪت متوقع

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جا برطانيه جي دوري دوران مصروفيتن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.وزيراعظم دوري جي آخري ڏينهن برطانوي راڻي جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي دوري دوران آچر جي ڏينهن اڳوڻي وزيراعطم نوازشريف سان به ملاقات ڪندو.نوازشريف ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات لاءِ 3 ڪلاڪ جو وقت طئي ڪيو ويو آهي. پنهنجي برطانوي دوري دوران شهباز شريف آچر تي لنڊن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو.جڏهن ته لنڊن ۾ ئي ان جون وڌيڪ ملاقاتون به طئي آهن. شهباز شريف سومر جي ڏينهن برطانوي راڻي ايلزبيٿ جي آخري رسمن ۾ شرڪت کان پوءِ واپس ملڪ روانو ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو