ممبئي (ويب ڊيسڪ) سائوٿ جي مشهور اداڪاره سمانٿا روتھ پرڀو پنهنجي وزن گهٽ ٿيڻ بابت مسلسل ٿيندڙ سوالن تي چيو آهي ته مان وڌيڪ کاڌو کائي نٿي سگهان. 39 سالن جي پرڪشش اداڪاره پنهنجي اچڻ واري فلم “ما انتي بنگارام” (Maa Inti Bangaram) جي پروموشن دوران پنهنجي آٽو ايميون بيماري “مائيوسائٽس” (Myositis) سان پنهنجي جنگ (جدوجهد) بابت پڻ ڳالهايو.سندس چوڻ هو ته ان بيماريءَ جي ڪري کيس ٻن سالن تائين فلمن مان وقفو (بريڪ) وٺڻو پيو، هن وزن ۾ ڪمي بابت ماڻهن جي مسلسل سوالن جو به ذڪر ڪيو. هن چيو ته ٻن سالن جي بريڪ دوران کاڌو منهنجي لاءِ هڪ ٽريگر (بيماري وڌائڻ جو سبب) بڻجي ويو هو. جيڪڏهن مان ڪا اهڙي شيءِ کائي وٺان ها جيڪا منهنجي معدي کي خراب ڪري ها، ته منهنجي آٽو ايميون بيماري وڌي ويندي هئي. ان ڪري منهنجي خوراڪ انتهائي محدود ۽ بي حد سادي ٿي وئي هئي. هن چيو ته مان ٻن سالن تائين ناهستي، ٻپهرن جي کاڌي ۽ رات جي کاڌي ۾ هڪ ئي شيءِ کائيندي رهيس. ان کانپوءِ سڀ کان پهرين شيءِ جنهن کي مونکي پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ملي، اها “جيلاٽو” (اطالوي طرز جي آئس ڪريم) هئي، جنهن ۾ نه ته کنڊ (چيني) هوندي آهي ۽ نه ئي کير. ان ڪري مان ان جيلاٽو جو بي صبري سان انتظار ڪندي هئس. جڏهن مون هڪ ٻِلي پالڻ جو فيصلو ڪيو ته مون ان جو نالو به جيلاٽو ئي رکي ڇڏيو. سمانٿا چيو ته هاڻي هوءَ کائي پي سگهي ٿي، پر حد کان وڌيڪ نه. وزن ۾ ڪمي بابت ٿيندڙ سوالن تي هن چيو ته ماڻهو اڪثر ڪنهن انسان جي زندگيءَ جي حقيقت نه ڄاڻندا آهن. ائين ناهي ته مان کائڻ نٿي چاهيان، پر مان کاڌو کائي نٿي سگهيس.










