ورڪر ويلفيئر بورڊ جي آفيسرن جا پروموشن

ورڪر ويلفيئر بورڊ جي آفيسرن جا پروموشن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ورڪر ويلفيئر بورڊ جي 17 ھين گريڊ جي 15 ۽ 18 ھين گريڊ جي 4 آفيسرن کي مٿين گريڊن  ۾ترقي ڏني وئي آھي، ليبرکاتي جي سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مجب 18 ھين گريڊ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور ترقي ماڻيندڙن ۾ فھيم صديقي، زاھد ھڪڙو، احمد علي ڌاريجو، افضل اقبال ميمڻ، فيصل شمس، اسدالله خان، امجد علي، ذوالفقار ٽالپر، بشير چاچڙ ۽ اصغر علي شاھ شامل، باسط بلو ۽ عبدالماجد شيخ شامل آهن.  بشير چاچڙ کي 18 ھين گريڊ ۾ ايڊمن آفيسر طور ترقي ڏني وئي، اسسٽنٽ سيڪريٽري رفيق چنا، سيف الله بلو ۽ آمنه منظور کي ڊپٽي سيڪريٽري طور ترقي ڏني وئي آهي، 19 ھين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر طور ترقي ماڻيندڙن ۾ سيد مظفر علي شاھ، خالد کوکر، احتشام ۽ نزھت حبيب به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو