ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ورهائڻ ۽ ڪراچي تي قبضي خلاف پيپلز پارٽي کانپوءِ جميعت علماءِ اسلام پاران خميس تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ڪندي جلوس ڪڍي جلسا ڪيا ويا. مقررن چيو ته سنڌ ڌرتي ماءُ آهي ۽ ان جي تقسيم ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ڪنداسين. سنڌ ۾ رهندي جيڪي صوبي جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪن ٿا انهن نمڪ حرامن کي شرم ڪرڻ گهرجي.

*** ٺٽو مان جاويد لطيف ميمڻ موجب بخاري مسجد ٺٽو کان مين رڪشا اسٽاپ تائين جي يُو آء ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن مولوي سليم عاطف، عبدالوهاب بلوچ، مولانا احمد سومرو،مفتي محمد ارشد، مولانا غلام نبي خشڪ، محمد حسن ٺينگو، سنڌ ملاح فورم جي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو، محمد خان ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍيو ويو. ان موقعي تي پي ٽِي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم خلاف نعريبازي ڪندي پيپلز پارٽي تي به تنقيد ڪئي وئي ته هنن جو به ساڻن ڳٺ جوڙ آهي. ريلي ۾ مولانا انور چانڊيو، سيف الملوڪ شاھ، جاويد ملاح، رفيق منڇري، غلام قادر ميربحر، رمضان ميربحر، خير محمد، عبدالستار ملاح سميت ٻيا پڻ شريڪ ھئا.*** سکر مان جيرام داس موجب جي يو آءِ سنڌ دشمن منصوبن خلاف منزل گاھ بندر روڊ کان ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.

جتي مولانا محمد صالح انڍڙ، مولانا سعود افضل هاليجوي، حافظ غلام محمد ڪنڌر، حافظ عبدالحميد مهر ۽ ٻين چيو ته جي يو آء ڪنهن به ريت ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ٿيڻ نه ڏيندي، سنڌ ماء آھي ۽ ماء جو ورهاڱو ڪڏھن ۽ ڪيئين به قبول ناهي هنن چيوته پي ٽي آء جا نااهل وزير پنهنجي نااهلي ۽ ڪرپشن لڪائڻ لاء سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪري پنهنجي مدت ۽ عدت پوري ڪرڻ چاهين ٿا. سنڌ هڪ آھي ۽ رهندي ڪراچي جي عليحدگي ڪنهن به ريت برداشت يا قبول نه ڪبي. *** شڪارپور مان عبدالخالق سومرو موجب جي يو آءِ اڳواڻن مولانا عبدالله مھر، حافظ رفيق احمد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اقصي مسجد کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي مظاھرين پاران سنڌ کي ٽوڙيندڙ سازشي ٽولن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا ويا.

احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جيسيتائين اسان جي ساھ ۾ ساھ آھي تيسيتائين ڪير به سنڌ کي ٽڪر نه ٿو ڪري سگھي، ڇو ته اسان جي شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومري ھميشه سنڌ جي حقن جي حاصلات ۽ سنڌ جي وحدانيت جي ڳالهه ھر ميدان تي ڪندي آخر پنھنجي جان قربان ڪري ويو اسان به پنھنجي جان ڏئي سگھون ٿا.هنن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ صوبي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري نمڪ حرامي ڪري رهيا آهن. ريلي ۾ مولانا تاج محمد ، مولانا احمد علي بکراڻي ، مفتي غلام قادر بروھي ، مولانا محمد طيب ميکو ، حاجي عبدالفتاح مھر،الله ڏنو سومرو ، مولانا مشتاق احمد سھنڌڙو ۽ ٻيا شريڪ ھئا.**** ٽنڊومحمدخان مان مظفر بروھي موجب جي يو آئي جي اڳواڻن مولانا ابراهيم سومرو ، مولانا عبدالبصير بروهي ، مولانا منظور احمد شاهه ، مولانا سراج لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي سنڌ جا ماڻهو رت جي آخري ڦڙي تائين سنڌ ڌرتي جي حفاظت ڪندا هنن چيو ته وفاق زبردستي ڪراچي تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن کي ڪنهن به قيمت تي قبول نه ڪيو ويندو. *** نوشهروفيروز مان منظور ملڪ موجب جي يو آءِ جي سڏ تي سوين ڪارڪنن جو پيرن واري مسجد کان پريس ڪلب تائين ريلي وفاقي حڪومت ۽ جعلي ڪور ڪميٽي خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن عبدالرحمٰن ڏنگراچ، اڪرم پيرزادو، محمد رمضان خاصخيلي، قاري عبدالحق، حافظ احمد الدين مري ۽ ٻين چيو ته عمران خان جي حڪومت عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن ڪري غريب جي ماني جو گرهه به کسجي ويو آهي. هنن چيو ته ڪراچي تي قبضي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ***ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب جي يو آءِ (ف) ڪراچي کي ڪورڪميٽي حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري سازش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري جي اڳواڻي جي.يو.آئي ضعلع ڪشمور جي امير مولانا قاري محمدشفيع کوسو پاران ڪندي شھر جي مختلف رستن کان گذرندي گھنٽاگھر چوڪ تي جلسي جي شڪل اختيار ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي مولانا عبدالرحيم پٽاڻ. عبدالعزير سميجوعرفان الله کوسو. بشير احمد شر. خان محمد ملڪ. محمد صلاح ملڪ. ربنوازچاچڙ خطاب ڪندي چيو ته اسين ڪراچي کي ڪورڪميٽي حوالي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڀرپور مخالفت ڪيون ٿا ۽ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ جي سازش کي ناڪام بڻائينداسين.










