ميلبورن(ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان رڪي پونٽنگ جو چوڻ آهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي فتح جو دارومدار ڪپتان بابر اعظم جي ٽورنامينٽ ۾ ڪارڪردگي تي آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي ڊجيٽل پروگرام ۾ ڳالهائيندي رڪي پونٽنگ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن بابر اعظم ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2022 ۾ سٺو نه کيڏيو ته مان نٿو سمجهان ته پاڪستان کٽي سگهندو. رڪي پونٽنگ جو چوڻ هو ته مون کيس ڪجهه سال اڳ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ويجهو ۽ ذاتي طور ڏٺو ۽ ان وقت چيو هو ته هن شخص جي ٽيسٽ ميچ ۾ بيٽنگ جو سوال آهي ته آسمان ئي حد آهي. شايد گذريل ٻن سالن ۾ بهتر ٿي چڪو آهي. اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان موجب پاڪستان جا اوپنر تمام اهم آهن ۽ انهن جا نوان بالر به اهم آهن پر آسٽريليا ۾ اسپن بالرز جو ڪردار وڪيٽ جي لحاظ کان ڪجهه وڌيڪ ڏکيو ٿي سگهي ٿو جيڪو شايد سندن مدد نه ڪري سگهي.










