بوزدار وڏا (حسين ٽانوري)بوزدار وڏا ۽ ان جي آس پاس جي واھن ۽ شاخن جي ڪپرن تان وڻن جي غير قانوني واڍي رڪجي نه سگھي آھي جنھن بعد واڍي روڪرائڻ لاءِ فاريسٽ کاتي خيرپور جي ڊويزنل سوشل فاريسٽ آفيسر خيرپور ھوش محمد شر خيرپور ضلعي جي واھن ۽ شاخن تان غير قانوني وڻن جي واڍي روڪرائڻ لاءِ آبپاشي انجنيئر خيرپور کي ليٽر جاري ڪندي چيو آھي ايگزيٽو انجنيئر ايريگيشن ايسٽ ڊويزن خيرپور کي ليٽر جاري ڪندي ڄاڻايو آھي ته ايريگيشن ايسٽ ڊويزن جي ميرواھ ڪئنال ، علي بحرواھ . سدارنگ بلاول سون واھ ، ڪوٻري شاھنواز واھ ، خانواھ ، بلاول واھ ساوڙي ، شاخ ڍيڍاڻو ، ڪلرا فيض گنج واھ پندرھو واھ علي نواز واھ ويھو واھ سميت ٻين ننڊن وڏين شاخن جي ڪپرن تي بيٺل وڻن جي غير قانوني واڍي ڪئي پئي وڃي جيڪي روڪرائڻ لاءِ اپاء ورتا وڃن ۽ ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي










