اسلام آباد (بيورو رپورٽ)واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي، واپڊا ترجمان موجب، تربيلا وٽ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي آمد 95,300 ڪيوسڪ ۽ اخراج 50,000 ڪيوسڪ آهي. ترجمان چيو ته جهلم درياءَ ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 43,500 ڪيوسڪ ۽ اخراج 32,000 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته چشمه بئراج ۾ پاڻي جي آمد 99,100 ڪيوسڪ ۽ اخراج 85,000 ڪيوسڪ آهي.اهڙي طرح، هيڊ مرالا وٽ چناب درياءَ ۾ پاڻي جي آمد 28,300 ڪيوسڪ ۽ اخراج 19,100 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته نوشهره وٽ ڪابل درياءَ ۾ پاڻي جي آمد 37,000 ڪيوسڪ ۽ اخراج 37,000 ڪيوسڪ آهي.واپڊا ترجمان موجب، تربيلا رزروائر ۾ اڄ پاڻي جي سطح 1444.30 فوٽ ۽ ذخيرو 902,000 ايڪڙ فوٽ آهي، جڏهن ته منگلا رزروائر ۾ اڄ پاڻي جي سطح 1137 فوٽ ۽ ذخيرو 1235,000 ايڪڙ فوٽ آهي.ان دوران، چشما رزروائر ۾ اڄ پاڻي جي سطح 646.90 فوٽ ۽ ذخيرو 208,000 ايڪڙ فوٽ آهي، جڏهن ته تربيلا، منگلا ۽ چشما رزروائر ۾ ڪل استعمال لائق پاڻي جو ذخيرو 2345,000 ايڪڙ فوٽ آهي.










