واپڊا جي نا اهلي، ڪريل تارن ۾ وچڙي نينگري فوت، احتجاج

دڙو (ن سنڌ يار) ڳوٺ عبدﷲ مگسي ۾ بجلي جي ڪريل تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب تڙپي فوت ٿيل 7 سالن جي معصوم نينگري جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن طرفان دڙو، ٻنون روڊ تي احتجاجي مظاھروڪيو ويو. ان موقعي تي ڪرنٽ سبب فوت ٿيل سويرا جي والد رسول بخش مگسي، منظور مگسي گل محمد، امير بخش مگسي عرفان مگسي سبحان مگسي ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو تہ حيسڪو وارن جي نااھلي سبب ڳوٺن ۾ بجلي جا لڳل پول ڪريل ۽ 11 ھزار وولٽيج جون تارون ھيٺ لٽڪيل آھن، جنھن سبب اسانجي 7 سالن جي معصوم نياڻي سويرا ڌي رسول بخش مگسي سميت ھيستائين 3 ڄڻا تڙپي فوت ٿي چڪا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو