واپاري کان ڦر، مزاحمت تي گوليون هڻي ڦورو فرار

واپاري کان ڦر، مزاحمت تي گوليون هڻي ڦورو فرار

شهدادڪوٽ(ڊ    ر )موٽرسائيڪل سوار هٿياربند بينڪ کان ڪيش کڻي ايندڙ واپاري کان ڦر ڪري مذاحمت تي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد هير آباد پاڙي مان ٻه موٽرسائيڪل سوار هٿيار بند بينڪ کان ڪيش کڻي ايندڙ واپاري وزير سومرو کان ڦر ڪري ويا هٿياربندن سان مزاحمت تي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويو زخمي وزير سومرو جو چوڻ هو ته نجي بينڪ مان ڪيش کڻي هو سيلر تي وڃي رهيو هو ته 2 هٿياربندن کيس ڦري ويا. بي سيڪشن پوليس پاران علائقي جي ناڪاه بندي ڪري ڇڏي آهي ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان موٽر سائيڪل ڦرن جا واقعا وڌي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو