اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) واپارين جي فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم ۾ رجسٽريشن لاءِ موبائل ائپ تيار ڪئي وئي آهي. ناڻي وزارت جي ذريعن موجب، ريٽيلرز (پرچون فروش واپارين) لاءِ ناڻي وزارت پاران ايندڙ هفتي تائين فائنل موبائل ائپ متعارف ڪرائي ويندي، جڏهن ته هلندڙ هفتي دوران آزمائشي (ٽرائل) بنيادن تي موبائل ائپ کي لانچ ڪري ان جي مشق ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ننڍن واپارين جي موبائل ائپ ذريعي ايندڙ مهيني کان رجسٽريشن شروع ٿي ويندي، ۽ سيپٽمبر دوران فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم ۾ رجسٽرڊ ٿيل ريٽيلرز کي پنهنجا ٽيڪس ريٽرنز فائل ڪرڻا پوندا.ناڻي وزارت جي ذريعن موجب، هي موبائل ائپ اردو، انگلش، سنڌي ۽ بلوچي ٻولين ۾ لانچ ڪئي ويندي. موبائل ائپ ۾ رجسٽرڊ ريٽيلرز لاءِ ايف بي آر (FBR) جي گرين پليٽ مخصوص ڪئي ويندي. ايف بي آر کي لڳ ڀڳ 35 لک کان وڌيڪ ريٽيلرز جي معلومات ملي چڪي آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال لاءِ ريٽيلرز جي رجسٽريشن مان 50 ارب رپيا روينيو (ٽيڪس آمدني) جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.










