واٽر مافيا خلاف ڪاروائي 2 ٽئنڪر ڊرائيور گرفتار

واٽر مافيا خلاف ڪاروائي 2 ٽئنڪر ڊرائيور گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جي هدايتن تي اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ جي انچارج عبدالواحد شيخ پاران اورنگي ٽائون ضلعي اولهه ۾ ڪارروائي دوران 2 ٽينڪرن کي ڊرائيورن سميت گرفتار ڪري اورنگي ٽائون پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل ٻڌايو تہ جوابدار اورنگي ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ غير قانوني هائيڊرنٽس هلائڻ ۾ ملوث هئا، ڪارروائي دوران ھائيڊرنٽ منشي گل زين عرف امين ولد نسيم شاه ۽ ڊرائيور تيمور ولد ظهير احمد ولد ٽينڪر نمبر LSA-2529، ڊرائيور فقير گل ولد محمد ٽينڪر نمبر JP-0233 سميت گرفتار ڪر ملوث جوابدارن خلاف اورنگي ٽائون ٿاڻي ۾ پاڻي چوري جي نئين قانون تحت ڪيس داخل ڪرايو ويو، ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو تہ شھرين جي حصي جو پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن جو دائرو وڌائي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي طرف ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جو چوڻ هو تہ جوابدار ڪنهن بہ رعايت جا مستحق نه آهن، کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪندي آپريشن جو دائرو شهر جي مختلف علائقن تائين وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو