واهه تي پل نه هجڻ سبب لاش ڪاٺين تان ڪراس

ٺڪراٺو(ن س) ڳوٺ پيارو مهر ۾ ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ سنڌي ادبي سنگت ٺڪراٺو جي جوائنٽ سيڪريٽري جي ايم مهر جي ڏاڏي فوت ٿي وئي جنهن کي ڳوٺ کان واھ جي هن پار ڳوٺ ڪٽڻهار ۾ ظاهر پير ۾ دفنائڻ لاءِ کڻي وڃڻ لاءِ  واھ تي پل نه هجڻ ڪري لاش کي ڳوٺاڻن پاران هٿرادو ڦٽن جي پل تان ٽپايو ان وقت وڏي مشڪل سان لاش  کڻي هن طرف ڪپر تي پهچايو ويو

ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو ڳوٺ تعلقي پنو عاقل ۽ ضلعه سکر جي ايم اين اي سيد خورشيد  شاھ ۽ ايم پي ڄام اڪرام جن جي تڪ ۾ اچي ٿو هي پل ڪيترائي ڀيرا منظور ته ڪئي وئي آهي پر هن مهل تائين ٺهرائي ناهي وئي چونڊيل نمائنده ۽ ڪامورن آيل پئسا هڙپ ڪري وڃن ٿا  هنن سنڌ حڪومت ۽ ٻين اعلى عملدارن کي اپيل ڪئي ته مذڪوه پل ٺهرائي ڏني وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو