واهن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون) سلطاني واھ سميت سڄي ضلع بدين ۾ ٻن مهينن کان پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جي احتجاج جو سلسلو اڄ ٽئين  ڏينھن به جاري آهي. خالي دلا ۽ مٽ کڻي راڄوخاناڻي ۾  بک هڙتالي ڪئمپ لڳائي وئي آهي. مظاهرين خميس 16 جولاءِ تي راڄوخاناڻي کان تلھار پيادل مارچ ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. ڪيمپ تي آبادگارن کي خطاب ڪندي اڳواڻن حنيف نظاماڻي، مير عاشق ٽالپر، محمد حسن جعفري، سفير نظاماڻي،  شير نظاماڻي، اسماعيل قمبراڻي  ۽ ٻين چيو ته هن وقت ملڪ جي دريائن ۽ خاص طور سنڌو درياء ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي ڪوٽڙي کان هيٺ چاليهه ھزار ڪيوسڪ پاڻي وڃي رهيو آهي ان صورتحال باوجود سلطاني واهه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي جي سخت کوٽ آهي ايتري قدر جو هاڻ ته ماڻهن ۽ مال جي پيئڻ لاء به پاڻي نه آهي ۽ ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پنهنجا گهر خالي ڪري وڃي رهيا آهن سلطاني واه ۽ شاخن تي هن وقت تائين هزارين ايڪڙ زمين پاڻي نه هئڻ ڪري بنجر بڻيل آهي ۽ جن آبادگارن ساريون ۽ انهن جا ٻيجارا يا ان کان علاوه جيڪي فصل پوکيا آهن اهي به پاڻي نه هئڻ ڪري سڪي سڙي تباه ٿي ويا آهن جنهن سان آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي هنن چيو ته اسان کي سال ۾ صرف هڪ سارين جو فصل پوکڻ لاء پاڻي ڏنو ويندو آهي جيڪو به هن سال اسان کي اڃان تائين نه مليو آهي اگر اسان کي سال ۾ هڪ فصل پوکڻ لاء به پاڻي نه ڏنو ويو ته اسان معاشي طور تباهه ٿي وينداسين ۽ هتي جا آبادگار ۽ هاري خودڪشون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا اهوئي سبب آهي جو هتي خودڪشن جا واقعا وڌي ويا آهن .

پهنجو تبصرو موڪليو