يروشلم )ويب ڊيسڪ)اوڀر يروشلم ۾ عبادت گاهه تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا.اسرائيلي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو يروشلم جي اوڀر واري علائقي نيو ياڪو ۾ هولوڪاسٽ جي يادگار ڏينهن تي پيش آيو.اسرائيلي پوليس جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ عبادت گاهه ۾ فائرنگ کانپوءِ جوابي ڪارروائي ۾ مارجي ويو.واضح رهي ته ويسٽ بئنڪ ۾ فلسطينين جي شهادت کانپوءِ اسرائيلي جهازن هڪ ڀيرو ٻيهر غزه تي بمباري ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي هوائي فوج جمعي جي رات غزه جي مختلف هنڌن تي بمباري ڪئي، اسرائيلي جهازن پناهگيرن جي ڪيمپ کي به نشانو بڻايو.گذريل ڏينهن اسرائيلي فورسز ويسٽ بئنڪ ۾ جينين ڪيمپ تي حملو ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا هئا.










