واقعي ۾ ملوث سهولتڪارن کي انجام تائين پهچايو ويندو: چيف

واقعي ۾ ملوث سهولتڪارن کي انجام تائين پهچايو ويندو: چيف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته دهشتگردي جا اطلاع ضرور هئا پر ڪو خاص خطرو ناهي.ڪراچي پوليس آفيس ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي جاويد عالم اوڍو چيو ته حملي ۾ 11 پوليس اهلڪار ۽ 7 کان 8 رينجرز اهلڪار زخمي ٿيا آهن، جن مان ڪجهه اهلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.هن وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ سهولتڪار يا سڌي ريت ملوث سمورن ماڻهن کي انجام تائين پهچايو ويندو.ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو وڌيڪ چيو ته نه رڳو پوليس پر ڪراچي جو عوام به شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو