واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي راڄڌاني واشنگٽن ويجهو ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب سسنا جهاز طرفان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪرڻ باوجود جواب نه ملڻ تي ايف 16 جنگي جهاز موڪليا ويا. واشنگٽن ۾ جنگي جهازن جي زوردار آوازن تي شهري پريشان ٿي ويا.آمريڪي ميڊيا موجب اهو واضح ناهي ته جهاز فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي يا نه.آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته جنگي جهازن ننڍي جهاز کي نشانو نه بڻايو.










