مغوي ڊرائيور جي وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب، پوليس خاموش

راڻيپور(ن س) راڻيپور ۾ هفتو اڳ اغوا ٿيل ڊاٽسن ڊرائيور جي بازيابي لاءِ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، شهرين مظاهرو ڪري چتاءُ ڏنو آهي ته پوليس خاموش تماشائين جيان ويهڻ بدران مغوي کي جلد بازياب نه ڪرايو ته تحريڪ هلائي ويندي.راڻيپور ۾ 2 هفتا اڳ اغوا ٿيل ڊرائيور سردار علي شاهاڻي بازياب نه ٿيڻ خلاف شهرين ريلي ڪڍڻ بعد پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. اُن موقعي تي مظاهرين چيو ته سردار شاهاڻي ڊاٽسن هلائيندو آهي، هفتو اڳ ڪجهه ماڻهن کيس ڀاڙي تي غوثپور وٺي ويا، جنهن بعد سندس موبائيل نمبر بند ٿي ويو.
مظاهرين چيو ته ڌاڙيلن وارثن کان 50 ڀُنگ گهريو آهي، پر پوليس ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪري کيس بازياب ڪرائڻ بدران ٿاڻي تي خاموشيءَ سان ويحي رهي آهي. نتيجي ۾ مغوي ڊرائيور جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي. مظاهرين آءِ جي سنڌ ۽ وڏي وزير کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته ڊرائيور جي جلد بازيابي نه ٿيڻ جي صورت ۾ تحريڪ هلائي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو