وائيٽ هائوس ۾ عيد، مسلمانن 30 پر مون 40 روزا رکيا

وائيٽ هائوس ۾ عيد، مسلمانن 30 پر مون 40 روزا رکيا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن وائيٽ هائوس ۾ عيدالفطر جي تقريب جي ميزباني ڪئي، جنهن ۾ خاتون اول ۽ سڄي آمريڪا مان مسلمان اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر بائيڊن مسلمان برادري کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اسان چونڊن دوران ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي ته عيد جون تقريبون وائيٽ هائوس ۾ ٻيهر شروع ڪيون وينديون. هن چيو ته مسلمانن رمضان ۾ 30 ڏينهن روزا رکيا پر مون 40 ڏينهن روزا رکيا آهن. آمريڪي صدر جو بائيڊن وڌيڪ چيو ته گذريل سال عيد جون تقريبون ضابطه اخلاق جي ڪري منعقد نه ٿي سگهيون ۽ بيشمار مسلمان هيلٿ ورڪرز ڪووڊ دوران گڏ ڪم ڪيو. هن چيو ته رمضان المبارڪ ۾ مسلمانن کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ جو موقعو ملندو آهي، مذهب جي بنياد تي ڪنهن کي به نشانو نه بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو