وائيلڊ لائيف کاتي جي ڪارروائي، ناياب نسل جا پکي هٿ

وائيلڊ لائيف کاتي جي ڪارروائي، ناياب نسل جا پکي هٿ

پکو (عبدالوحيد ميئو) وائيلڊ لائيف کاتي طرفان شڪارين خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ ڇاپن جي سلسلي کي تيز ڪندي شڪارين کي شڪار ڪيل ناياب پکين سميت سوگھو ڪري ورتو. وائيلڊ لائيف ريڊ ٽيم انسپيڪٽر  قربان لاشاري جي اڳواڻي ۾ قمبر جي حدن ۾ مختلف علائقن ۾ ڇاپا ھڻي شڪارين محمد وارث، ڌڻي بخش ميربحر کي شڪار ڪيل پرديسي ناياب آڙي پکين سميت سوگھو ڪري ورتو آهي. ڇاپي دوران ٽيم شڪار ۾ استعمال ٿيندڙ ڄار ۽ ٻيو سامان پڻ ھٿ ڪري گرفتار جوابدارن کي پکو شھر ۾ واقع قديمي لنگھ ڍنڍ تي آندو جتي وائيلڊ لائيف کاتي جي مظھر علي ابڙو، نياز دايو، ڪامل ميراڻي ۽ لنگھ ڍنڍ انچارج شير محمد مغيري جي موجودگي ۾ ھٿ ڪيل پرديسي پکين کي لنگھ ڍنڍ ۾ آزاد ڪيو ويو. ٻئي طرف وائيلڊ لائيف کاتي جي گيم واچر انسپيڪٽر قربان علي لاشاري جوابدار شڪارين مٿان قانون مطابق ڏنڊ مقرر ڪري ڏنڊ جي رقم وصول ڪئي وئي. ان موقعي تي وائيلڊ لائيف کاتي جي انسپيڪٽر قربان لاشاري صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته قمبر جي مڙني ڍنڍ ڍورن تي وائيلڊ لائيف عملو مقرر ڪري اتي ايندڙ سائبيريا، روس، ايران، آذربائيجان، ترڪمانستان ۽ يورپي ملڪن جي پرديسي پکين جي تحفظات ڪئي ويندي. پرديسي پکين جي آمد جي موسم جي اچڻ جي سلسلي ۾ شڪارين خلاف سخت قدم کنيا ويا آھن ته جيئن ايندڙ ناياب پکين جو شڪار نه ٿئي ۽ نسل ڪشي کان بچي پون. ان حوالي سان کاتي جي انسپيڪٽر شير محمد مغيري جي اڳواڻي ۾ ھڪ ٽيم تشڪيل ڏني آھي جيڪا علائقي جي وزٽ ڪندي ۽ پکين جي حفاظت لاءِ شڪارين کي پڻ سوگھو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو