اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف پابندي پيل فنڊنگ ڪيس بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف لکيو ته پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ آئين جي ڀڃڪڙي، ڪوڙو قسم نامو جمع ڪرائڻ ۽ پرڏيهي رقم قبول ڪرڻ عمران نيازي خلاف چارج شيٽ آهن.
ECP verdict on PTI foreign funding case chargesheets Imran Niazi for violating the Constitution, submitting false affidavits & accepting foreign money. Proven yet again that he is a certified liar. Nation should ponder over the implications of his politics funded by foreigners.
— Shehbaz Sharif (@CMShehbaz) August 2, 2022
شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿيو ته عمران نيازي هڪ سرٽيفائيڊ ڪوڙو آهي، قوم کي پرڏيهين کان فنڊ وٺندڙ شخص جي سياست جي لڪيل رخن تي غور ڪرڻ گھرجي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پابندي مڙهيل فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي پيل فنڊنگ ثابت ٿي وئي آهي.










