هڪ ٻئي مسلمان ملڪ اسرائيل کي تسليم ڪري ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) اتر آفريقا جي هڪ ٻئي عرب مسلمان ملڪ مراڪش اسرائيل کي تسليم ڪري ڇڏيو آهي.پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي آمريڪا جي صدر ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته اڄ هڪ ٻي تاريخي اڳڀرائي ٿي آهي، اسان جي ويجهن دوستن اسرائيل ۽ مراڪش هڪٻئي سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، هي وچ اوڀر جي امن لاءِ هڪ وڏي اڳڀرائي آهي.عالمي خابرو اداري موجب خميس جي ڏينهن آمريڪي صدر ۽ مراڪش جي بادشاهه محمد هشتم وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ ان معاهدي کي آخري شڪل ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.وائٽ هائوس کان جاري ڪيل بيان موجب اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي بدلي ۾ صدر ٽرمپ اولهه صحارا تي مراڪش جي دعويٰ کي قبول ڪيو آهي، ان علائقي ۾ مراڪش ۽ الجيريا جي حمايت يافته پوليساريو محاذ وچ ۾ ڏهاڪن کان تڪرار هلندڙ هو، پوليساريو هن خطي کي هڪ آزاد رياست ٺاهڻ چاهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو