هڪ ٻارڙي جو لاش هٿ ٻئي جي ڳولها جاري

سکر(بيورو رپورٽ)سکر بئراج لڳ کير ٿر ڪئنال ۾ گذريل ڏينهن ٻڏي ويل ٻارڙن مان هڪ ٻارڙي ابوبڪر جو لاش ڪئنال مان ڪڍيو ويو آهي. جڏهن ته ٻئي ٻارڙي گلناز ملڪ جي لاش جي ڳولاهه جاري آهي. ان ڏس ۾ ٻارڙي جي ڳولاهه ڪندڙ علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته انتظاميا اسان جي ڪابه مدد ناهي ڪئي اسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻارن جي لاشن جي ڳولاهه ڪري رهيا آهيون. 24 ڪلاڪن کان ٻارڙن جي ڳولاهه بعد ٻارڙي ابوبڪر جي لاش کي هٿ ڪيو ويو آهي. ٻئي ٻار جي لاش جي ڳولاهه ڪري رهيا آهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو