هڪ ٻئي ڀارتي اداڪار به خود ڪشي ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) هڪ ٻئي ڀارتي اداڪار سمير شرما به خود ڪشي ڪري ڇڏي آهي. ممبئي جي ميلاد اپارٽمينٽ ۾ هن ڪچڻ ۾ لڳل پکي سان لٽڪي ڦاهو کاڌو. چوڪيدار لاش لٽڪيل  ڏسي پاڙيوارن ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس جو چوڻ آهي ته 44 سالن جي اداڪار سمير شرما جي گهران ڪو نوٽ ناهي مليو جنهن ۾ هن خودڪشي جو سبب ٻڌايو هجي. سمير ‘ساس ڀي ڪڀي بهو ٿي’ سپر هٽ ٽي وي سيريل مان شهرت حاصل ڪئي هئي.  سندس انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه اهڙيون پوسٽ مليون آهن جن مان لڳي ٿو ته هو پريشان هو ۽ ڊپريشن جو شڪار هو. ياد رهي ته ان کان اڳ سشانت شرما ۽ هڪ ادا ڪارا به خود ڪشي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو